ٽنڊو آدم ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربند ڦورن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊو آدم ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربند ڦورن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار نوجوان جي موٽرسائيڪل به ڪاهي ويا.

پٺاڻ ڪالوني لڳ هٿياربند ڦورن موٽرسائيڪل تي سوار 22 ورهين جي نوجوان خالد مجيداڻو کي روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

نوجوان پاران مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس موٽرسائيڪل به ڪاهي ويا.

واقعي کانپوءِ نوجوان جو لاش اڌ ڪلاڪ تائين پٽ تي پيل رهيو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش ٽنڊو آدم اسپتال پهچايو.

نوجوان جو لاش اسپتال ۾ پيل آهي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*