قومي اسيمبلي ۾ بدين جي تڪ اين اي 230، صوبائي تڪ پي ايس 73 ۽ اين اي 234 ميهڙ تي چونڊ نتيجن خلاف درخواستن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ اڄ به جاري آهي

قومي اسيمبلي ۾ بدين جي تڪ اين اي 230، صوبائي تڪ پي ايس 73 ۽ اين اي 234 ميهڙ تي چونڊ نتيجن خلاف درخواستن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ اڄ به جاري آهي.

اين اي 230 جي چونڊ نتيجن تي اعتراض کانپوءِ پ پ اميدوار رسول بخش چانڊيو جي درخواست تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي.

اين اي 230 تي جي ڊي اي اميدوار فهميدا مرزا کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

بدين ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 73 جي چونڊ نتيجن خلاف فهميدا مرزا پاران داخل ڪرايل درخواست تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي.

پي ايس 73 بدين تي پ پ اميدوار تاج محمد ملاح کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

ميهڙ ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 234 جي چونڊ نتيجن خلاف پي ٽي آءِ اميدوار لياقت جتوئي جي درخواست تي به ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي.

اين اي 234 ميهڙ تي پ پ اميدوار عرفان لغاري کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*