ڪراچي جَي علائقي قيوم آباد ۾گند جي ڍير مان مليل بيلٽ پيپرز وارو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي

ڪراچي جَي علائقي قيوم آباد ۾گند جي ڍير مان مليل بيلٽ پيپرز وارو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن قيوم آباد واري علائقي ۾ اين اي 241 ۽ پي ايس هڪ سئو 7 تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اميدوارن جي چونڊ نشانن تي ٺپا لڳل بيلٽ پيپرز مليا هئا.

ايم ڪيو ايم پاڪستان بيلٽ پيپرز جي اليڪشن ڪميشن کان تصديق ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي هئي.

ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته بيلٽ پيپرز گند جي ڍير تان ملڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊن ۾ ناڪام وئي، چيف اليڪشن ڪمشنر معاملي تي فوري طور استعيفيٰ ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*