لاهور ۾ پوليس اهلڪارن تي تشدد واري واقعي جو پاڪستان تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل ايم پي اي سميت 28 ڄڻن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

لاهور ۾ پوليس اهلڪارن تي تشدد واري واقعي جو پاڪستان تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل ايم پي اي سميت 28 ڄڻن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چيف جسٽس واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل ايم پي اي نديم عباس بارا پنهنجي ساٿين سان گڏجي پوليس اهلڪارن کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو هو.

پوليس واقعي جو تحريڪ انصاف جي ايم پي اي نديم بارا سميت 28 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري 21 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته نديم بارا روپوش آهي.

هوڏانهن چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ  تحت ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سندن نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

چيف جسٽس جي طلب ڪرڻ تي آءِ جي پنجاب سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پيش ٿي واقعي بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي.

آءِ جي پنجاب چيف جسٽس کي ٻڌايو ته واقعي جو اڳ ئي ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 21 ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي ته جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري فوري طور کين انصاف جي ڪهٽڙي ۾ آندو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*