قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 129 لاهور سميت مختلف تڪن تي اميدوارن جي درخواستن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 129 لاهور سميت مختلف تڪن تي اميدوارن جي درخواستن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي، جڏهن ته 33 هنگو تان تحريڪ انصاف اميدوار جي ڪاميابي برقرار آهي.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي هڪ سئو 29 لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان جي درخواست تي ٻي ڏينهن به ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي.

قومي تڪ تان ن ليگ جي سردار ايازصادق تحريڪ انصاف جي عليم خان کي شڪست ڏني هئي، هارائيندڙ اميدوار ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي هئي.

اين اي هڪ سئو 8 فيصل آباد تي ڳڻپ جاري آهي، جتي ن ليگ جي عابد شير علي جي مقابلي ۾ تحريڪ انصاف فرخ حبيب ڪامياب ٿيو هو.

گجرانوالا ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 52 ۽ پي پي 54 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳـڻپ جاري آهي، پي پي 52 تي ن ليگ جو عادل چٺه تحريڪ انصاف جي اميدوار احمد چٺه جي مقابلي ۾ هڪ هزار هڪ سئو 133 ووٽن جي برتري سان ڪامياب ٿيو هو.

پي پي 54 گوجرانوالا ۾ ن ليگ جي عمران خان بٽ تحريڪ انصاف جي رضوان اسلم بٽ جي مقابلي ۾ هڪ هزار چار سئو 57 ووٽن جي برتري سان سوڀ ماڻي هئي، جڏهن ته هارائيندڙ اميدوار جي درخواست تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي.

اين اي 33 هنگو جي هڪ سئو 8 مان 50 پولنگ اسٽيشنز تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ٿي، جنهن دوران تحريڪ انصاف جو خيال زمان 7 سئو 35 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي.

هوڏانهن ملتان جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*