تــــــــــختِ لاهور ڪيئن بچائجي، آزاد اميدوارن کي شامل ڪجي يا هم خيال پارٽين سان اتحاد ڪجي، مسلم ليگ نواز به پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ق ليگ کان مدد گهري ورتي

تــــــــــختِ لاهور ڪيئن بچائجي، آزاد اميدوارن کي شامل ڪجي يا هم خيال پارٽين سان اتحاد ڪجي، مسلم ليگ نواز به پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ق ليگ کان مدد گهري ورتي.

مسلم ليگ نواز پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا آهن، چونڊن ۾ سوڀ ماڻيندڙ پارٽين جي اميدوارن سان رابطن جو سلسلو وڌايو ويو آهي.

ووٽن جي حساب سان نواز ليگ کي تحريڪ انصاف تي برتري حاصل آهي، پر پي ٽي آءِ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.

ن ليگ جي صدر ميان شهباز شريف ق ليگ جي اڳواڻ پرويز الاهي سان فون تي رابطو ڪري پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي.

رابطي دوران چوڌري پرويز الاهي شهباز شريف کي جواب ڏنو ته هو اسلام آباد ۾ آهي، اوهان ٻن ڏينهن کانپوءِ رابطو ڪيو ته اڳتي جي حڪمت عملي واضح ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي شهباز شريف پيپلز پارٽي جي اڳواڻن خورشيد شاهه ۽ ٻين سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سهڪار جي اپيل ڪئي ويندي.

واضح رهي ته مسلم ليگ نواز وٽ پنجاب اسيمبلي ۾ هڪ سئو 29 ۽ تحريڪ انصاف وٽ هڪ سئو23 سيٽون کنيون آهن، جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻيئ پارٽيون آزاد اميدوارن جا ماڻا براداشت ڪري رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*