قاضي احمد ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ماءُ ۽ نوجوان ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

قاضي احمد ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي چاچي سان گڏجي ماءُ ۽ نوجوان ڀيڻ  کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

ريڻ شاخ لڳ ڳوٺ محبوب انڙ ۾ جوابدار ڀٽو ڪٽوهڙ پنهنجي چاچي ممتاز ڪٽوهڙ سان گڏجي ماءُ فتح خاتون  ۽ 22 ورهين جي ڀيڻ گلپري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس پهچي مارجي ويل عورت ۽ ناري جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن الزام تان پيش آيو، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

مقتول عورتن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻئي ماءُ ۽ ڌيءَ فصل ۾ پورهيو ڪري رهيون هيون ته جوابدارن مٿن فائرنگ ڪري ماريو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*