پاڪستان تحريڪ انصاف، وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ هم خيال پارٽي قاف ليگ سان رابطوڪري 3 وزارتون ڏيڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف، وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ هم خيال پارٽي قاف ليگ سان رابطوڪري 3 وزارتون ڏيڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عمران خان ۽ پرويز الاهي وچ ۾ ٻن ڏينهن اندر اهم ملاقات جو امڪان آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد اميدوارن سميت هم خيال پارٽين جي اڳواڻن سان رابطا جاري آهن.

ڏکـڻ پنجاب جي 4 آزاد اميدوارن تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان بني گالا ۾ ملاقات ڪري پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ٻين آزاد اميدوارن سان به رابطا جاري آهن.

ذريعن موجب، تحريڪ انصاف هم خيال پارٽي ق ليگ سان رابطو ڪري وفاق ۽ پنجاب حڪومتون ٺاهڻ لاءِ سهڪار ڪرڻ جي صورت ۾ 3 وزارتون ۽ هڪ صلاحڪاري ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.

ذريعن موجب، پي ٽي آءِ ق ليگ کي وفاق ۾ هڪ وفافي ۽ هڪ مملڪتي وزارت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ به هڪ وزارت ۽ هڪ صلاحڪاري ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ق ليگ اهم منصب جي آڇ ڪئي آهي، جنهن تي تحريڪ انصاف ويچارڻ لاءِ وقت گهريو ويو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽  ق ليگ اڳواڻ پرويز الاهي وچ ۾ ٻن ڏينهن اندر ملاقات جو امڪان  آهي، جنهن ۾ اتحاد ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت حتمي فيصلو ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*