جيڪب آباد ويجهو ڪارنهن جي الزام هيٺ مڙس گوليون هڻي پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويوآهي

جيڪب آباد ويجهو ڪارنهن جي الزام هيٺ مڙس گوليون هڻي پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويوآهي.

ڳوٺ غلام علي جکراڻي ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ جوابدار شفيق جکراڻي پنهنجي زال 19 ورهين جي گل جان کي ٽي پستول جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

مولاداد ٿاڻي جي پوليس مقتولا جو لاش تحويل ۾ وٺي جيڪب آباد سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش ڳوٺ کڻائي ويا.

مولاداد ٿاڻي جي پوليس موجب جوابدار زال کي قتل ڪرن بعد موقعي تان فرار ٿي ويو آهي.

جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوهو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*