نئين پاڪستان جي نعري سان عام چونڊن ۾ سوڀ ماڻيندڙ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وزير اعظم طور حلف کڻڻ واري معاملي تي مثال قائم ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو آهي

نئين پاڪستان جي نعري سان عام چونڊن ۾ سوڀ ماڻيندڙ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وزير اعظم طور حلف کڻڻ واري معاملي تي مثال قائم ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پريڊي گرائونڊ يا ڊي چوڪ تي وزير اعظم جي عهدي جو قسم کڻڻ وارن آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي.

پي ٽي آءِ جي ذريعن موجب، عمران خان چونڊ مهم دوران ڊي چوڪ  ۽ پريڊي گرائونڊ تي وزير اعظم طور حلف کڻڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو پاڙيو ويندو.

نئون وزير اعظم ڪٿي حلف کڻي رهيو آهي، ووٽرن سان ڪيل واعدو پاڙي رهيو آهي يا وري سڪيورٽي سببن جي ماضي جي روايت برقرار رکندو؟، ان جو حتمي فيصلو ٻن ڏينهن ۾ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*