مسلم ليگ نواز جي صدر شهباز شريف ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ ريٽرننگ آفيسر کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي

مسلم ليگ نواز جي صدر شهباز شريف ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ ريٽرننگ آفيسر کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 تي پاڪستان تحريڪ جي فيصل واوڊا ن ليگ صدر شهباز شريف کي شڪست ڏني هئي.

نواز ليگ جي صدر شهباز شريف پنهنجي وڪيل بيريسٽر ظفر الله ذريعي ريٽرننگ آفيسر وٽ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فارم 45 ۾ شهباز شريف جو نالو ئي نه آهي، سندس 2700 ووٽ رد ڪري کيس 700 ووٽن تان هارايو ويو.

ذريعن موجب، ريٽرننگ آفيسر شهباز شريف جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*