لاهور ۾ سنڌ واسي نوجوان 6 ڀاتين جي قتل خلاف چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي گاڏي آڏو احتجاج  ڪندي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي

لاهور ۾ سنڌ واسي نوجوان 6 ڀاتين جي قتل خلاف چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي گاڏي آڏو احتجاج  ڪندي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

چيف جسٽس لاهور رجسٽري وڃي رهيو هو ته عدالت ٻاهران بيٺل خيرپور واسي شڪيل نالي شخص سندس گاڏي آڏو اچڻ جي ڪوشش ڪئي.

چيف جسٽس جي سڪيورٽي ۾ شامل اهلڪارن متاثر نوجوان کي روڪي ورتو، جنهن دوران هو چيف جسٽس سان ملڻ لاءِ دانهون ڪندو رهيو.

چيف جسٽس  آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار گاڏي مان لهي متاثر کي آٿت به ڏني، جنهن سبب متاثر لڙڪ لاڙي ويٺو.

احتجاج ڪندڙ نوجوان ميڊيا کي ٻڌايو ته خيرپور ۾ سندن ڪٽنب جي 6 ڄڻن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، هو انصاف لاءِ دربدر آهي.

هن چيو ته هو هو پنهنجا جوتا وڪرو ڪري ٽرين جي ٽڪيٽ وٺي چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملڻ لاءِ پهتو آهي، پر سندس هڪ به ناهي ٻُڌي وئي.

هن چتاءُ ڏنو ته انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ هو اسلام آباد ۾ پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏيندو، جنهن جا ذميوار قانون جا رکوالا هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*