سکر ۾ 2 مهينا اڳ 12 ورهين جي نينگر کي قتل ڪري لاش دادو ڪئنال ۾ اڇلائڻ واري معاملي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

سکر ۾ 2 مهينا اڳ 12 ورهين جي نينگر کي قتل ڪري لاش دادو ڪئنال ۾ اڇلائڻ واري معاملي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مقتول ساگر مهر جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي نينگر جي وارثن چيو ته سندن نينگرکي قتل ڪري لاش دادو ڪئنال ۾ اڇلايو ويو، پر آباد ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته سندن نينگر درزي جي دڪان تي ڪم ڪندو هو، دوستي نه رکڻ تان جوابدارن شڪيل ماڪو،علي ماڪو۽ ساجد ماڪوکيس قتل ڪري ڇڏيو.

  هنن آءِ  جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*