احتساب عدالت شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي پهرين آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

احتساب عدالت شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي پهرين آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جج محمد بشير ريمارڪس ڏيندي چيو  آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ شريف ڪٽنب جي درخواست  جي هدايت اچڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي ڪنداسين.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير  نوازشريف خلاف  العزيزيه اسٽيل ملز ۽  فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر ۽ نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث جو معاون وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو.

جج محمد بشير  خواجا حارث جي معاون وڪيل سعد هاشمي کان پڇا ڪئي ته خواجا حارث ڪڏهن ايندو؟ جنهن تي معاون  وڪيل جواب ڏنو ته هو اچي رهيو آهي.

جج محمد بشير ريمارڪس ڏيندي چيو ته خواجا حارث کي گهرايو، پوءِ ڪارروائي اڳتي وڌائنداسين عدالت ڪجهه دير لاءِ ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڪيو.

وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته جج محمد بشير سوال ڪيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ اوهان جي اپيل تي ٻڌڻي ڪڏهن ٿيندي، جنهن تي معاون وڪيل سعد هاشمي چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.

جنهن تي جج محمد بشير جواب ڏنو ته ڏسون ٿا ته هاءِ ڪورٽ جي ڪهڙي ٿي اچي.

احتساب عدالت  العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي پهرين آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*