تختِ لاهور ڪيئن بچائجي، آزاد اميدوارن کي شامل ڪجي يا هم خيال پارٽين سان اتحاد ڪجي

تختِ لاهور ڪيئن بچائجي، آزاد اميدوارن کي شامل ڪجي يا هم خيال پارٽين سان اتحاد ڪجي، مسلم ليگ نواز به پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ق ليگ کان مدد گهري ورتي، 9 آزاد ايم پي ايز به نون ليگ ۾ شموليت جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.

مسلم ليگ نواز پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا آهن، چونڊن ۾ سوڀ ماڻيندڙ پارٽين جي اميدوارن سان رابطن جو سلسلو وڌايو ويو آهي.

ووٽن جي حساب سان نواز ليگ کي تحريڪ انصاف تي برتري حاصل آهي، پر پي ٽي آءِ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.

ن ليگ جي صدر ميان شهباز شريف ق ليگ جي اڳواڻ پرويز الاهي سان فون تي رابطو ڪري پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي.

رابطي دوران چوڌري پرويز الاهي شهباز شريف کي جواب ڏنو ته هو اسلام آباد ۾ آهي، اوهان ٻن ڏينهن کانپوءِ رابطو ڪيو ته اڳتي جي حڪمت عملي واضح ڪئي ويندي.

شهباز شريف پيپلز پارٽي جي اڳواڻن خورشيد شاهه ۽ ٻين سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سهڪار جي اپيل ڪئي ويندي.

لاهور ۾ نواز ليگ قيادت سان پنجاب جي 9 آزاد ايم پي ايز به ملاقات ڪري شموليت جي خاطري ڪرائي آهي.

نواز ليگ ملاقات ۾ شامل آزاد ايم پي ايز جا نالا ڳجها رکيا آهن، جڏهن ته جلد شموليت جي اعلان جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته مسلم ليگ نواز وٽ پنجاب اسيمبلي ۾ هڪ سئو 29 ۽ تحريڪ انصاف وٽ هڪ سئو23 سيٽون کنيون آهن، جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻئي پارٽيون آزاد اميدوارن جا ماڻا براداشت ڪري رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*