پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 18 ميمبرن جي ضرورت آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گهربل ميمبرن جي حمايت  حاصل ڪري وٺنداسين،مسلم ليگ ن  اڳواڻ  راڻا ثناءُ الله

مسلم ليگ ن  اڳواڻ  راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 18 ميمبرن جي ضرورت آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گهربل ميمبرن جي حمايت  حاصل ڪري وٺنداسين،

راڻا ثناءُ الله جهنگ جي تڪ پي پي 126  تان چونڊيل اميدوار مولانا معاويه اعظم سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي مولانا احمد لڌيانوي به موجود هو.

ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جيان روز هڪ هڪ ٻه ٻه ميمبر نه آڻينداسين، پي ٽي آءِ کي تمام گهڻي جلدي آهي، جنهن سبب اسان به ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته جهانگير ترين وٽ پيسا به آهن ۽ جهاز به آهي، اسان وٽ نه آهي.

تحريڪ انصاف چيو ته پي ٽي آءِ هارس ٽريڊنگ ڪري رهي آهي، وفاق ۾ 10 ڪروڙ ۽ صوبي ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو آواز اٿاري رهيا آهن.

ان موقعي تي مولانا معاويه اعظم طارق جو چوڻ هو ته ٻنهي پارٽين باقاعدا رابطو ٿي چڪو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ مشاورت جو فيصلو ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*