اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي طبيعت خراب ٿيڻ بعد سخت پهري هيٺ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو

اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي طبيعت خراب ٿيڻ بعد سخت پهري هيٺ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، چيف ڪمشنر اسلام آباد پمز اسپتال جي ڪارڊيڪ سينٽر جي پرائيويٽ وارڊ کي سب جيل قرار ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ دل جي تڪليف وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو ويو آهي نوازشريف جي ٺوٺ ۽ پيرن ۾  تڪليف ۽ سوڄ هئي،

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پاران طبعيت خراب ٿيڻ بعد اسپتال منتقل ٿيڻ جي حامي ڀرڻ بعد کيس پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن موجب، نوازشريف کي 2 مختلف سيڪيورٽي اسڪواڊز جي نگراني ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نواز شريف کي پمز اسپتال پهچائڻ کان اڳ سندس خاص ڪمري سميت ٻيا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا جڏهن ته نوازشريف کي اسپتال آڻڻ کان اڳ ئي اسپتال ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا .

ان کان اڳ دل جي تڪليف ۽ کاٻي ٻانهن ۾ سور سبب نواز شريف جو اڊيالا جيل ۾ ڊاڪٽرن پاران چيڪ اپ ڪيو ويو جن جيل انتظاميا کي کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.

پمز اسپتال ۾ ڊاڪٽر نعيم ملڪ ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار غوري نواز شريف جو معائنو ڪيو  جنهن ۾ سندس ايِ سي جي رپورٽ به درست نه آئي هئي.

ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان نواز شريف جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري آهي.

فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته نواز شريف ۽ سندس گهر واري ڪلثوم نواز کي الله تعاليٰ جلد صحتيابي عطا فرمائي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*