چوڌري ڀائرن جي اڄ اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف  جي سربراهه  عمران خان سان ملاقات ٿي رهي آهي

چوڌري ڀائرن جي اڄ اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف  جي سربراهه  عمران خان سان ملاقات ٿي رهي آهي،  چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اسان پي ٽي آءِ جي ڀرپور حمايت ڪنداسين.

پي ٽي آءِ پاران وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ هم خيال پارٽين سان رابطا جاري آهن، پي ٽي آءِ گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ قاف ليگ سان به رابطو ڪيو هو جنهن حمايت جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

چوڌري ڀائرن جي اڄ اسلام آباد ۾ بين گالا ۾ تحريڪ انصاف  جي سربراهه  عمران خان سان ملاقات ٿي رهي آهي،

ملاقات ۾ چوڌري شجاعت ۽ ٻيا قاف ليگ اڳوڻ بني گالا ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه سان حڪومت سازي سميت ملڪ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

واضح رهي ته قاف ليگ وفاق ۽ پنجاب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اسان پي ٽي آءِ جي ڀرپور حمايت ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*