ڳڙهي خيرو ويجهو بيگاري ڪئنال کي 25 فوٽ گهاروپئجي وڃڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي

ڳڙهي خيرو ويجهو بيگاري ڪئنال کي 25 فوٽ گهاروپئجي وڃڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، آبپاشي عملو نه پهچڻ سبب ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

بيگاري ڪئنال کي آرڊي 60 وٽان 30 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب ساريالو فصل ٻڏي ويو.

ڳوٺاڻن موجب گهاري جو اطلاع آبپاشي عملي کي ڏنو ويو، عملو نه پهچڻ سبب ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا گهاري واري هنڌ پهچي گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او بيگاري ڪئنال انور علي مغيري ٻڌايو ته گهاري جو اطلاع ملندي پنهنجي عملي ۽ هيوي مشنري سميت گهاري طرف روانو ٿي ويو آهيان، انشاالله جلد گهاري کي بند ڪري آبادگارن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*