ميثاق جمهوريت ۾ واضح آهي ته سڀ چونڊون پارٽي بنيادن تي ئي ٿينديون، مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه

 حڪومت اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ بابت پيپلزپارٽي جي بل جي مخالفت ڪري ڇڏي، پارلياماني معاملن واري وزير شيخ آفتاب چيو آهي ته مڪاني چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ٿيڻ سان نوان ماڻهو اڳتي ايندا، خورشيد شاهه چيو آهي ته ميثاق جمهوريت ۾ واضح آهي ته سڀ چونڊون پارٽي بنيادن تي ئي ٿينديون.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو  ويو.

ايوان ۾ پيپلزپارٽي پاران اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ بابت ترميمي بل پيش ڪيو.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته مڪاني چونڊون پارٽي بنيادن تي ٿيڻ گهرجي، جنهن سان سياسي نظام مضبوط ٿيندو.

هن چيو ته آمريت جي دور ۾ مڪاني چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرايون ويون، مسلم ليگ نون آمريت واري روايت نه ورجائي.

خورشيد شاهه چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ واضح آهي ته سموريون چونڊون پارٽي بنيادن تي ئي ٿينديون، ان ڪري حڪومت وفاقي گادي واري شهر ۽ پنجاب ۾ به چونڊون پارٽي بنيادن تي ڪرائي، ن ليگ پارٽي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ کان ڇو ڀڄي رهي آهي.

حڪومت پاران پيپلزپارٽي جي ترميمي بل جي مخالفت ڪئي وئي، پارلياماني معاملن واري وزير شيخ آفتاب چيو ته مڪاني چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ سان نوان چهرا اڳتي ايندا، پيپلزپارٽي به مڪاني چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ جي حمايت ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*