چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته بهتر آهي ته پاڻي جي کوٽ وارو معاملو نئين حڪومت لاءِ ڇڏڻ گهرجي

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته بهتر آهي ته پاڻي جي کوٽ وارو معاملو نئين حڪومت لاءِ ڇڏڻ گهرجي، ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ٽئنڪرز مافيا خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ پاڻي کوٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ميونسيپل ڪارپوريشن پاران پاڻي کوٽ بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.

چيف جسٽس هر ٻن مهينن ۾ پاڻي جي صورتحال بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت  ڪندي ٽئنڪرز مافيا خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته بهتر آهي ته پاڻي جي کوٽ وارو معاملو نئين حڪومت لاءِ ڇڏڻ گهرجي،

چيف جسٽس چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. واٽر ٽينڪرز خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*