ٽنڊو آدم ۾ اڻ ڄاتل جوابدارن دوڪان ٻاهران ستل پورهيت کي ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو لاش سپتال منتقل ڪيو ويو

ٽنڊو آدم ۾ اڻ ڄاتل جوابدارن دوڪان ٻاهران ستل پورهيت کي ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو لاش سپتال منتقل ڪيو ويو.

 ٽنڊو آدم جي  باب شاهنواز جوڻيجو واري علائقي ۾ اڻ ڄاتل جوابدارن  موٽرسائيڪلن جي مستري 24 ورهين جي اصغر آرائين کي تيز ڌار واري اوزار جا وار ڪري قتل ڪيو، جوابدار واردات ڪرڻ بعد موقعي تان فرار ٿي ويا آهن.

  اطلاع تي پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي قتل ٿيل پورهيت جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي،  ضروري ڪارروائيءَ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.

 آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*