اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان ووٽ جي رازداري بابت 16 آگسٽ تائين لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان ووٽ جي رازداري بابت 16 آگسٽ تائين لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو، عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جهڙين حالتن ۾ چونڊون ڪرايون، اهي فخر جوڳيون آهن، چونڊون روڪرائڻ  جون ڪوششون ٿي رهيون هيون پر سمورين حالتن باجود ووٽ ڏيڻ لاءِ عوام  ٻاهر نڪتو.

اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاران 25 جولاءِ تي  ووت جي رازداري جي ڀڃڪڙي ڪرڻ خلا ف ڪيس جي ٻڌني ٿي. عمران خان طرفان سندس وڪيل بابر اعواڻ پيش ٿيو.

عمران خان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جن حالتن ۾ اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرايون، اهي فخرجوڳيون آهن، چونڊون روڪرائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون پر سمورين حالتن باوجود سڄو پاڪستان ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪتو.

ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر بابر اعواڻ کي چيو ته اوهان کي جيڪو چوڻ آهي ته اهي لکي ڏيو، جنهن تي وڪيل عمران خان جي وڪيل چيو ته هڪ جملو ڳالهائڻو آهي. باقي لکي ٿو ڏيان.

ٻڌڻي دوران بابر اعواڻ چيو ته فخر آ هي ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرايون.

عمران خان جي وڪيل اليڪشن ڪميشن کان استدعا ڪئي ته ٻڌڻي 20 آگسٽ کانپوءِ مقرر ڪئي وڃي، جنهن تي اليڪشن ڪمشنر چيو ته هڪ  اسان جي ڳالهه مڃيو ۽ 16 آگسٽ تي پيش ٿيو.

اليڪشن ڪميشن عمران  کان ووٽ جي رازداري نه رکڻ تي لکت ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته عمران خان جي ڪاميابي سان خطي ۾ اميد پيدا ٿي آهي، جڏهن ته خطي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکنداسين.

بابر اعواڻ چيو ته شڪر آهي، اهڙن حالتن ۾ به اليڪشن ٿي گذري، ڪٿي ڪابه ڌانڌلي نه ٿي آهي، پنجاب جي وڏي وزير بابت فيصلو ناهي ٿي سگهيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*