12 مئي سانحي واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن پاران حج تي وڃڻ جي درخواست ڏيڻ سبب ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

12 مئي سانحي واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن پاران حج تي وڃڻ جي درخواست ڏيڻ سبب ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، جنهڪري اڄ به ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.

ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ 12 مئي سانحي ڪيس جي ٻڌڻي تي ڪراچي جو ميئر ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، جڏهن ته شريڪ جوابدار دل جي مرض ۾ مبتلا هئڻ ڪري پيش نه ٿيو جنهن جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي.

ڪيس ۾ شريڪ ٻين جوابدارن حج تي وڃڻ جي درخواست جمع ڪرائي، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اڄ به ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*