اين اي 239 تي ايم ڪيو ايم پاڪستان اميدوار خواجه سهيل منصور ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ اسلام آباد الڪيشن ڪميشن وٽ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي

اين اي 239 تي ايم ڪيو ايم پاڪستان اميدوار خواجه سهيل منصور ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ اسلام آباد الڪيشن ڪميشن وٽ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، رٽرننگ آفيسر سندس درخواست رد ڪري چڪو آهي.

ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 239 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار خواجه سهيل منصور اسلام آباد الڪيشن ڪميشن وٽ درخواست داخل ڪرائي.

ان کان اڳ سهيل منصور تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ درخواست داخل ڪرائي  هئي، جيڪا رد چڪي آهي.

اين اي 239 تي خواجه سهيل منصور کي 366 ووٽن سان ناڪام قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته تڪ تي رد ٿيل ووٽن جو انگ 3 هزار 281 آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*