پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر مني لانڊرنگ ڪيس جي چالان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر مني لانڊرنگ ڪيس جي چالان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، فريال ٽالپر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ايف آءِ اي جو چالان غيرقانوني قرار ڏئي منع نامو جاري ڪيو وڃي.

فريال ٽالپر پنهنجي وڪيل سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي مني لانڊرنگ ڪيس جي چالان خلاف درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ته ايف آءِ اي جي ايف آءِ آر ۾ مني لانڊرنگ جو ڪو به ذڪر ناهي، لڳايل الزامن سان سندس ڪو به تعلق ناهي.

فريال ٽالپر درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته، ايف آءِ آر مان ڪٿي به ظاهر ناهي ته ڪميشن يا بدعنواني ڪئي هجي، جنهنڪري ايف آءِ اي جو چالان غيرقانوني قرار ڏئي معطل ڪيو وڃي ۽ چالان تي منع نامو جاري ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*