نگران وڏي وزير فضل الرحمان 2018ع جون عام چونڊون پرامن نموني ڪرائڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن

نگران وڏي وزير فضل الرحمان 2018ع جون عام چونڊون پرامن نموني ڪرائڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سيڪريٽريز ۽ ٻين عملدارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي.

نگران وڏي وزير فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پرامن عام چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن، چيف سڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، قانون لاڳو ڪندڙن ادارن ۽ ٻين کاتن جا عملدار شريڪ ٿيا.

اجلاس دوران سنڌ جي نگران وڏي وزير 2018ع جون عام چونڊون پرامن ۽ غير جانبدار ڪرائڻ تي عملدارن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.

اجلاس دوران چيف سيڪريٽري ۽ ڊي جي رينجرز مختصر وقت ۾ چونڊون ڪرائڻ کي سمورن ادارن جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*