سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار کي نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار کي نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار کي نااهل قرار ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فاروق ستار جي تڪن تي چونڊ ٿي چڪي آهي، جتي هو هارائي ويو آهي، جنهڪري درخواست رد ڪئي وڃي.

عدالت، اليڪشن ڪميشن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ فاروق ستار جي نااهلي بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته فاروق ستار نامزدگي فارمن ۾ پنهنجي خلاف 23 ڪيسن جو ذڪر نه ڪيو هو، جنهنڪري کيس اين اي 245 ۽ 247 تي چونڊ وڙهڻ کان نااهل قرار ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*