پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اليڪشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻو آهي ته رڳو ڪجهه تڪ کوليا وڃن

پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اليڪشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻو آهي ته رڳو ڪجهه تڪ کوليا وڃن، چونڊ نتيجا ڏسي لڳي ٿو ته عمران خان جي ارينج ميريج ٿي آهي. اسان اپوزيشن ۾ ويهي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، عمران خان جي سمورن تڪن ۾ به پنڪچر هنيا ويا آهن، حاصل بزنجي چيو آهي ته اسان کي پاليامينٽ ۾ وڃڻ گهرجي.

پيپلزپارٽي جي وفد جي سينيٽر حاصل بزنجو سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪي موجود صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو.

 ملاقات ۾ سيد خورشيد شاهه، سيد يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان، قمر زمان ڪائره ۽ چوڌري منظور منظور شرڪت ڪئي.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اليڪشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻو آهي ته رڳو ڪجهه تڪ کوليا وڃن،

هن چيو ته چونڊ نتيجا ڏسي لڳي ٿو ته عمران خان جي ارينج ميريج ٿي آهي. اسان اپوزيشن ۾ ويهي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين،

خورشيد شاهه چيو ته عمران خان کي کٽرائڻ لاءِ هڪ نه پر فل پنڪچر لڳايا ويا آهن.

پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته عمران خان جي سمورن تڪن ۾ به پنڪچر هنيا ويا آهن.

پ پ وفد سان ملاقات بعد حاصل بزنجو چيو ته پارليامينٽ کان ٻاهر رهي اثرائتو ڪردار ادا نٿا ڪري سگهون،

حاصل بزنجو چيو پ پ ۽ ن ليگ هڪ پيج تي هجن ته مضبوط اپوزيشن سامهون ايندي.

يوسف رضا گيلاني چيو ته، چونڊ نتيجن کي رد ڪريون ٿا، احتجاج طور پارليامينٽ وڃي سياسي پروسيس کي مضبوط ڪنداسين………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*