پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ جوڙ ٽوڙ واري سياست چوٽ چڙهيل آهي

پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ جوڙ ٽوڙ واري سياست چوٽ چڙهيل آهي، اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي به پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.

پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي. ٻئي پارٽيون گهربل تعداد حاصل ڪرڻ جون دعوائون ڪري رهيون آهن پر صورتحال اڃا واضح نه ٿي سگهي آهي.

ذريعن موجب مسلم ليگ ن پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي پارٽي جي ناراض اڳواڻ چوڌري نثار علي رابطو ڪيو آهي.

ذريعن موجب، چوڌري نثار پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز ليگ جي حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.

ٻئي طرف مسلم ليگ ن کي وڌيڪ چئن آزاد ميمبرن حڪومت ٺاهڻ لاءِ خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ن ليگ 13 ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 148 ميمبرن جي ضرورت آهي.

مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻ مشاهد حسين سيد چيو آهي ته اسان پر اميد آهيون ۽ مسلم ليگ ن ئي پنجاب ۾ حڪومت ٺاهيندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*