جماعت اسلامي فضل الرحمان طرفان پارليامينٽ ۾ قسم نه کڻڻ جي تجويز جي مخالفت ڪري ڇڏي

جماعت اسلامي فضل الرحمان طرفان پارليامينٽ ۾ قسم نه کڻڻ جي تجويز جي مخالفت ڪري ڇڏي، سراج الحق چيو ته اسان چونڊون وقت تي ٿيڻ تي خوش آهيون ۽ اسان هميشه ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، جماعت اسلامي ايوان ۾ مضبوط مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران مولانا فضل الرحمان طرفان قسم نه کڻڻ واري تجويز جي مخالفت ڪئي وئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته اسان چونڊون وقت تي ٿيڻ تي خوش آهيون ۽ اسان هميشه ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.

هن چيو ته فضل الرحمان طرفان قسم نه کڻڻ جي تجويز تي ڳڻتي آهي جنهن جي مخالفت ڪريون ٿا.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته جماعت اسلامي ايوان ۾ مضبوط مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندي.

سراج الحق چيو ته چونڊن کان اڳ منصوبي تحت ذميواريون تبديل ڪرايون ويون، افسوس آهي ته پولنگ ايجنٽس کي ٻاهر ڪڍي ووٽن جي ڳڻپ ڪئي وئي،

سراج الحق چيو ته پنهنجي من پسند اميدوارن کي کٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪٿي به فارم 45 نه ڏنو ويو آهي، سموري عمل چونڊن کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*