دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت پ پ جي اڳواڻ اسماعيل ڏاهري ڪيس جو چالان پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت پ پ جي اڳواڻ اسماعيل ڏاهري ڪيس جو چالان پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي،  جاچ آفيسر کي پهرين آگسٽ تائين ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي عدالت ڪيس تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

گذريل مهيني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي دوران گرفتار ٿيل پ پ اڳواڻ اسماعيل ڏاهري کي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت شهيد بينظير آباد ۾ پيش ڪيو ويو.

 ان موقعي تي پوليس پاران ڪيس جو چالان پيش نه ڪرڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو.

 جاچ آفيسر جي پيش ٿيڻ تي کيس ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس تي ٻڌڻي عدالت پهرين آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 ان موقعي تي ميڊيا وارن کي اسماعيل ڏاهري ٻڌايو ته سندس گرفتاري کي هڪ مهيني کان به وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر هن وقت تائين پوليس ڪيس جو چالان پيش نه ڪيو آهي.

 واضح رهي ته اسماعيل ڏاهري کي گذريل مهيني گرفتار ڪري بنا لائيسنس وارا هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي.

اسماعيل ڏاهري مٿان دولت پور ٿاڻي تي بنا لائيسنس هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*