پي ٽي  آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاق ۾ اڪثريت آهي

پي ٽي  آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاق ۾ اڪثريت آهي، اسان مستحڪم حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي چڪا آهيون، اڄ اپوزيشن جماعتن مولانا فضل الرحمان جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي، اسان نئين پاڪستان جي تصور کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، اسان کي حمايت به ملي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪجهه عنصرن کي ڪاميابي ملي آهي پر اڄ اپوزيشن جماعتن مولانا فضل الرحمان جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن  چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو بنا جواز آهي، انهي ڪميشن جي سربراهي ۾ سمورا اليڪسن ٿيا آهن.

پي ٽي  آءِ اڳواڻ چيو ته ماڻهن نئين پاڪستان جي تصور ۽ ويزن کي قبول ڪيو اهي، اسان نئين پاڪستان جي تصور کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون.

هن چيو ته اسان کي بين الاقوامي ڪميونٽي کان جيڪي حمايت ملي آهي، ان سان اسان جا حوصلا بلند ٿيا آهن. اليڪشن کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ استحڪام ٿيو آهي. رپيو مٿي آيو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته چونڊن کي سڄي دنيا تسليم ڪيو آهي، اسان اڳتي وڌڻ جي خواهش رکون ٿا. عمران خان جي پهرين خطاب کي مخالفن به تسليم ڪيو، قوم کي اپيل آهي ته اسان جو ساٿ ڏنو وڃي.

شاهه محمد قريشي دعويٰ ڪئي ته هو پنجاب ۾ نمبرز گيم ۾ ن ليگ کان سڀ کان اڳتي وڃي چڪا  آهن، چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*