جي يو  آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ ن جي صدر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملاقات ڪري

جي يو  آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان مسلم ليگ ن جي صدر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملاقات ڪري کيس حلف نه کڻڻ واري تجويز تي  راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

اسلام آباد ۾  جي يو  آ ءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان  مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان پاران شهباز  شريف حلف نه کڻڻ واري تجويز تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .

ان کان اڳ لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ميمبرن عمران خان سان گڏ قسم نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب قسم کڻڻ جي تقريب ۾ ن ليگ جا ميمبر ايوان ۾ موجود نه هوندا بعد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ويندي ته هنن کان قسم ورتو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*