پوليو ڪيسز جي ڪري اسين عالمي ادارن جي دٻاءُ جو شڪار آهيون، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته پوليو ڪيسز ڪري هو  عالمي ادارن جي دٻاءُ جو شڪار آهن، ٿر  ۾ ٻارڙن جي فوتگين تي ضابطو آندو ويو آهي.

ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ پي پي ايڇ آءِ جي سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته ٻهراڙين ۾ ليڊي ڊاڪٽرز جي اضافي لاءِ نيون ڀرتيون ڪيون پيون وڃن.

وڏي وزير قائم  علي شاهه چيو ته صحت کاتي وٽ 44 ارب رپيا بجيٽ آهي، هو چاهين ٿا ته ان بجيٽ جو صحيح استعمال ٿئي.

هن چيو ته پوليو ڪيسز ڪري هو عالمي ادارن جي دٻاءُ جو شڪار آهن، پوليو ٽيمز تي حملن بعد سندن سڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته دادو ۽ ٺٽي ضلعن ۾ پوليو مهم جو انتظام پي پي ايڇ  آءِ حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، رضاڪارن کي بهتر سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*