اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ چئن رپين جي واڌ واري سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ چئن رپين جي واڌ واري سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي، اوگرا طرفان پيٽرول جي اگهه ۾ 2 رپيا 75 پيسا، ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا،  گاسليٽ جي اگهه ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي

آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي پهرين آگسٽ کان پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي،  ان حوالي سان سمري به پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي وئي آهي.

اوگرا طرفان پيٽرول جي اگهه ۾ 2 رپيا 75 پيسا، ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا،  گاسليٽ جي اگهه ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي

ذريعن موجب، نگران حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ردو بدل جو فيصلو ايندڙ حڪومت تي ڇڏي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*