اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر جي ضمانتن واري درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر جي ضمانتن واري درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي، عدالت گذريل ٻڌڻي دوران نيب ۽ پيمرا کان جواب طلب ڪيو هو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر جي ضمانتن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندا،

احتساب عدالت مان سزا مليل جوابدارن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جون ڌار ڌار درخواستن داخل ڪرايون ويون آهن.

واضح رهي ته نوازشريف جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس ڊاڪٽرن جي مشوري بعد پمز اسپتال اسلام آباد منتقل ڪيو ويو هو، جتي سندس علاج جاري آهي. جڏهن ته مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر)  محمد صفدر اڊيالا جيل ۾ قيد آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*