نوابشاهه ڀرسان دوڙ مال پڙي ويندڙ ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

نوابشاهه ڀرسان دوڙ مال پڙي ويندڙ ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 دوڙ روڊ تي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ جي نتيجي ۾ ڊاٽسن ڪلٽي ٿي پئي جنهن ڪري ڊاٽسن تي سوار ٿيل چوپائي مال جا 15 واپاري زخمي ٿي پيا، زخمين ۾عبدالرشيد، رانجهو، عبدالمالڪ، امداد علي، رجب علي ٻيا شامل آهن، جن ۾ امداد علي ۽ رجب علي جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي چئي پئي وڃي.

 شير محمد زهري اسٽاپ تي حادثي جي اطلاع تي بالوجا ٿاڻي جي پوليس پهچي زخمين کي پي ايم يو سپتال نوابشاهه طبي امداد لاءِ منتقل ڪري ڇڏيو، جتي کين ڊاڪٽر طبي امداد ڏئي رهيا آهن.

 واضح رهي ته، کڏهرو کان چوپائي مال  پڙي دوڙ ويندڙ ڊاٽسن تي واپارين جو وڪري لاءِ آندل مال پڻ سوار هيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*