سنڌ هاءِ ڪورٽ اين آءِ سي ايل ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي

سنڌ هاءِ ڪورٽ اين آءِ سي ايل ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي جوابدار اياز خان نيازي کي هر حاضري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيب چيو آهي ته جوابدار اياز خان ۽ ٻيا ڪورنگي ۾ اين آءِ سي ايل جي 10 ايڪڙ زمين سستي اگهن ۾ وڪرو ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين آءِ سي ايل ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اين آءِ سي ايل  جي اڳوڻي چيئرمين جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي،

ٻڌڻي دوران نيب طرفان اين آءِ سي ايل ۾ ٿيل ڪرپشن بابت پنهنجو جواب جمع ڪرايو ويو.

نيب  چيو ته جوابدار اياز خان ۽ ٻين ڪورنگي ۾ اين آءِ سي ايل جي 10 ايڪڙ زمين سستي اگهه ۾ وڪرو ڪئي، جنهن سان قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو.

نيب چيو ته جوابدرن خلاف ريفرنسز احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جنهن تي عدالت جوابدارن کي انڊر ٽيڪنگ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت جوابدار اياز خان نيازي کي هر حاضري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*