سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران 20 کان وڌيڪ جوابدارن جي وڪيلن وڪالت نامه جمع ڪرائي ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران 20 کان وڌيڪ جوابدارن جي وڪيلن وڪالت نامه جمع ڪرائي ڇڏيا، نيب چيو آهي ته جوابدار شيخ فريد بنگالي، صغير، جهانزيب، اقبال عرفان ۽ ٻين تي گلستان جوهر ۾ 23 فلاحي پلاٽس چائنه ڪٽنگ جو الزام آهي، جوابدارن قومي ناڻي کي ڏيڍ ارب رپيا نقصان پهچايو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث ڪي ڊي اي جي آفيسرن ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران 20 کان وڌيڪ جوابدارن جي وڪيلن وڪالت نامه جمع ڪرايا، جنهن بعد عدالت جوابدارن  جي وڪيلن کان 13 آگسٽ تائين دليل طلب ڪري ورتا.

نيب چيو ته جوابدارن تي گلستان جوهر ۾ 23 فلاحي پلاٽس کي چائنا ڪنٽگ ڪري وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي. جوابدارن انهن فلاحي پلاٽس کي 296 رهائشي پلاٽس بڻائي وڪرو ڪيو.

نيب چيو ته جوابدارن قومي ناڻي کي ڏيڍ ارب رپين جو نقصان پهچايو آهي.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ڊي اي آفيسرن سميت 14 جوابدارن جي عبوري ضمانت  رد ڪري ڇڏي هئي.

جوابدارن ۾ اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي شاڪر لنگڙا، شيخ فريد بنگالي، صغير جهانگزيب اقبال، عرفان احمد، اختر رشيد، سيد رضوان احمد ، محمد حنيف ۽ ٻيا شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*