سنڌ هاءِ ڪورٽ، جعلي اڪائونٽ ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس  ۾ جوابدار فريال ٽالپر جي درخواست  تي وفاقي حڪومت، ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ، جعلي اڪائونٽ ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس  ۾ جوابدار فريال ٽالپر جي درخواست  تي وفاقي حڪومت، ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،

فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ايف آءِ اي جي چالان کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو آهي ته چالان ۾ فريال ٽالپر کي مفرور ڄاڻايو ويو  آهي ۽ مني لانڊرنگ بابت ڪي به ثبوت پيش نه ڪيا ويا آهن، اسان  ڪو به غيرقانوني ڪم نه ڪيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جوابدار فريال ٽالپر جي ايف اءِ جي عبوري چالان خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ ٻيا پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي جي ايف آءِ آر ۾ مني لانڊرنگ  جو ذڪر نه آهي ۽ نه ئي فريال ٽالپر جو ايف آءِ آر ۾ ڪو ڪردار واضح آهي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته فريال ٽالپر جو مني لانڊرنگ جي الزامن سان ڪو به تعلق نه آهي، ايف آءِ آر ۾ ڪٿي به ظاهر نه آهي ته ڪميشن ۽ بدعنواني ڪئي وئي هجي.

جسٽس خادم حسين رضوي وڪيل کان پڇا ڪئي ته ڇا فائنل چالان ايف آءِ اي جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جنهن تي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جواب ڏنو ته فائنل چالان هن وقت تائين جمع ناهي ڪرايو ويو.

جسٽس خادم حسين رضوي چيو ته اوهان ڪيئن چئي رهيا آهيو ته چالان مان نالا ڪڍيا وڃن، هن وقت تائين ته فائنل چالان جمع ئي ناهي ڪرايو ويو. جنهن تي جسٽس امجد علي چيو ته چالان ۾ ته درخواستگذار جي نالن تي ڳاڙهو مارڪ آهي، جنهن جو مطلب درخواستگذار مفرور آهن،

وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ايف آءِ فريال ٽالپر کي مفرور قرار ڏنو آهي، استدعا آهي ته ايف آءِ اي جي چالان کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.

عدالت ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ، ڊپٽي اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*