ڳڙهي خيرو جي ڪوٽڙي شاخ کي ٽن مختلف هنڌن تان گهارا پئجي وڃڻ جي نتيجي ۾فصل ٻڏي ويو ۽ پاڻي ڳوٺ ۾داخل ٿي ويوآهي

ڳڙهي خيرو جي ڪوٽڙي شاخ کي ٽن مختلف هنڌن تان گهارا پئجي وڃڻ جي نتيجي ۾فصل ٻڏي ويو ۽ پاڻي ڳوٺ ۾داخل ٿي ويوآهي،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

تاجا شاخ مان نڪرندڙ ڪوٽڙي شاخ کي ڳوٺ گامڻ لهر وٽان 25 فوٽ، ڳوٺ سمندر ملغاڻي وٽان 15 فوٽ ۽ ڳوٺ غلام حسين بروهي وٽان 10 فوٽن جو گهارو پئجي ويو.

گهارن جو اطلاع آبپاشي عملي کي ڏنو ويو، پر آبپاشي عملو  نه پهچي سگهيو، جنهن جي ڪري ڳوٺ گامڻ لهر وٽان پيل گهارو وڌي 40 فوٽ ٿي ويو.

 گهاري جو پاڻي فصل ٻوڙيندو ڳوٺ گامڻ لهر ۾ داخل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻن جو گهرو سامان پاڻي جي نذر ٿي ويو.

گهاري جي اطلاع تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پهچي ويا ۽ پنهنجي مدد تحت  پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*