اسلام آباد جي پــــمز اسپتال ۾ داخل اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي

اسلام آباد جي پــــمز اسپتال ۾ داخل اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي، اڄ وڌيڪ سندس سموريون ٽيسٽون ڪيون وينديون.

پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب، گذريل رات نواز شريف جي دل ۽ بلڊ پريشر سميت ٻيون ٽيسٽون ڪيون ويون، جيڪي نارمل آيون آهن.

هارٽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نعيم جي  سربراهي ۾ 3 رڪني ٽيم نواز شريف جون اڄ وري ٽيسٽون ڪندي، ان حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

پمز اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي اڊيالا جيل واپسي سندس صحت سان مشروط آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن نواز شريف جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کي اسلام آباد جي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي سندس علاج جاري آهي.

نواز ليگ جي صدر ميان شهباز شريف گذريل ڏينهن پمز اسپتال پهچي نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جيڪا 20 منٽن تائين جاري رهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*