پاڪ فوج، لاتوڪ ون پيڪ تي ڦاٿل روسي جبل چاڙهو کي ريسڪيو ڪري ورتو

پاڪ فوج، لاتوڪ ون پيڪ تي ڦاٿل روسي جبل چاڙهو کي ريسڪيو ڪري ورتو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته روسي جبل چاڙهو کي پاڪ فوج هيليڪاپٽر ذريعي ريسڪيو ڪيو.

آءِ آيس پي آر موجب، روسي جبل چاڙهو اليگزينڊر گوڪوف 25 جولاءِ کان لاتوڪ ٽاپ تي ڦاٿل هو، وٽس 3 ڏينهن اڳ کائڻ پيئڻ جو سامان ختم ٿي چڪو هو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، هيءَ انتهائي خطرناڪ ۽ مشڪل آپريشن هو، برفاني بادلن سبب روسي جبل چاڙهو کي ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿي.

آءِ ايس پي آر موجب، روسي جبل چاڙهو 650 ڏهائي 20 فوٽ جي اوچائي تي ڦاٿل هو، کيس بچايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*