پاڪستان تحريڪ انصاف، وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل ميمرز  جو حمايت حاصل ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

پاڪستان تحريڪ انصاف، وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل ميمرز  جو حمايت حاصل ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي.

پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري موجب، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد ميمبرز توڙي هم خيال پارٽين جي ميمبرز جي گهربل حمايت حاصل ٿي چڪي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته قومي اسيمبلي ۾ هڪ سئو 68 ميمبرز جي حمايت حاصل ڪري ورتي آهي، جن ۾ عورت ميمبرز به شامل آهن.

پنجاب اسيمبلي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن دعويٰ ڪئي ته صوبائي اسيمبلي ۾ به پي ٽي آءِ کي گهربل نمبر حاصل ٿي ويا آهن.

هن چيو ته ق ليگ  حمايت ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ايواين ۾ کين حڪومت ٺاهڻ ۾ سولائي ٿي وئي آهي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ايم ڪيو ايم پاڪستان بهادر آباد گروپ جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن کين تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني.

ايم ڪيو ايم اڳواڻن تحريڪ انصاف جي حڪومت جو حصو بڻجڻ يا نه بڻجڻ جو فيصلو رابطا ڪميٽي جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.

جهانگير ترين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي جي مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، تنهنڪري سموريون پارٽين کي سهڪار ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*