فرقيواريت جي نالي تي ملڪ ۾ ماڻهن کي ماريندڙن جي ڪا به گنجائش نه آهي، وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته فرقيواريت جي نالي تي ملڪ ۾ ماڻهن کي ماريندڙن جي ڪا گنجائش نه آهي، دهشتگردن ۾ هٿ وِڌو آهي ته اُهي ڀڄڻ شروع ٿي ويا آهن.

پشاور ۾ مسلم ليگ نون جي ورڪرز ڪنوينشن ۽ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته خيبر پختونخواهه مسلم ليگ جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ وڃايل مقام ضرور حاصل ڪيو ويندو.

هن چيو ته چونڊن کانپوءِ جنهن پارٽي وٽ عددي اڪثريت هئي، اسان انهن کي حڪومت ڪرڻ جو پورو پورو موقعو ڏنو، هنن اقتدار ۾ اچي نئون پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پر اسان نئون ڪي پي ڪي ٺاهينداسين.

هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ نون ليگ وچ ۾ چونڊن دوران ووٽن جو ڪو وڏو فرق نه هو، مسلم ليگ نون خيبر پختونخواهه مان 8 لک 56 هزار ووٽ کنيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ وارن کي 10 لک 39 هزار ووٽ مليا، وچ ۾ فرق رڳو هڪ لک 72 هزار ووٽن جو آهي، جيڪو گهڻو فرق نه آهي.

نواز شريف چيو ته ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي آهن پر خيبر پختونخواهه ۾ ماڻهن کي ڪا به نواڻ نظر نه پئي اچي.

هن چيو ته اسلام آباد کان پشاور ۽ لاهور تائين موٽر وي هن جي اڳي واري حڪومت ۾ ٺهيو، تڏهن کان هن وقت تائين ڪو نئون رستو نه ٺهيو آهي پر هاڻي توهان ڏسندو  ته اسان ڪراچي تائين موٽر وي ٺاهينداسين جنهن کانپوءِ ماڻهو ڪجهه ڪلاڪن ۾ پنهنجي سواري تي ڪراچي پهچي سگهندا، هن چيو ته سندس خواهش آهي ته صوبن کي هڪٻئي جي ويجهو آندو وڃي.

نواز شريف چيو ته پشاور کان ڪابل تائين موٽر وي به ٺاهيو ويندو، ترقي جو ڄار وڇائينداسين، بجلي جي کوٽ ختم ڪنداسين، گئس جي کوٽ تي ضابطو آندو ويندو، آءِ ڊي پيز پنهنجي ماڳن ڏانهن خيريت سان ورندا، متاثر علائقن ۾ اسپتالون، اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهينداسين ۽ خيبر پختونخواهه جي شاگردن کي  ليپ ٽاپ ڏينداسين ته جيئن اهي پڙهڻ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري سگهن.

نواز شريف چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي، هي اسان جو پاڪستان آهي، هن کي پر امن هجڻ گهرجي، دهشتگردي خلاف جنگ يقيني طور تي ڪامياب ٿيندي.

نواز شريف ورڪرز کي هدايت ڪئي ته اهي مڪاني چونڊن لاءِ تياري ڪن ۽ ماڻهن کي قائل ڪن ته مسلم ليگ کي ووٽ وِڌو وڃي، اُها ئي ملڪ کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

ان کان اڳ پشاور ۾ نون ليگ پارليامينٽيرينز سان ڳالهائيندي وزير اعظم چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن جا زبردست نتيجا نڪري رهيا آهن ۽ صورتحال معمول تي اچي رهي  آهي، جڏهن ته معاشي حالتون بهتر ٿيڻ جي عالمي ادارا به تعريف ڪري رهيا آهن.

نواز شريف چيو ته ماڻهن کي خوشحال بڻائڻ ۽ کين روزگار سان لڳائڻ لاءِ اُپاءُ وٺي رهيا آهيون، ماڻهو جڏهن خوشحال ٿيندا ته دهشتگردي جو لاڙو گهٽبو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته ملڪ کي ڪيترائي چيلينجز آهن پر الله سائين جي مدد سان انهن تي ضابطو آڻي وٺبو.

هن چيو ته آپريشنِ ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن سندس حڪومت شروع ڪيو ۽ اُن جا بهتر نتيجا نڪري رهيا آهن ۽ حالتون بهتري ڏانهن وڌي رهيون آهن.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته بجلي بحران تي ضابطي لاءِ نواز ليگ جي حڪومت اپاءُ وٺي رهي آهي، حڪومتي اپائن سان ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي ۽ عالمي برادري ۾ پاڪستان جي ساک به بهتر ٿي رهي آهي، پختي اميد آهي ته اسان جو مستقبل روشن آهي ۽ اميد جا ڪرڻا جرڪندي نظر اچي رهيا آهن.

هن چيو ته افغانستان سان لاڳاپن ۾ به بهتري اچي رهي آهي، مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، ضلعي سطح تي ٽيمون ٺاهي انهن کي ذميواريون ۽ ٽاسڪ ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*