ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ متحده مجلس عمل سميت ٻين پارٽين تي ٻڌل اتحاد وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت اهم فيصلن جو اعلان اڄ ڪندو

ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ متحده مجلس عمل سميت ٻين پارٽين تي ٻڌل اتحاد وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت اهم فيصلن جو اعلان اڄ ڪندو.

اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ نمائندن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي سولائي سان وزير اعظم نه ٿيڻ ڏنو ويندو، پنجاب کانسواءِ وفاق ۾ به حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سياسي اڳواڻن طئي ڪري ورتو آهي ته وزير اعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن تي اميدوار بيهاريا ويندا ۽ ڄاڻايل عهدن تي گڏيل اميدوار آڻڻ تي به اتفاق ٿي ويو آهي.

مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش واري تجويز تي پيپلز پارٽي فوري رضامندي ظاهر ناهي ڪئي، پر پيپلز پارٽي جي اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته حڪومت سازي جي فيصلي جو مينڊيٽ مرڪزي قيادت وٽ آهي.

اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي ۾ حلف کڻڻ واري معاملي تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته اهڙي صورتحال ۾ پارليماينٽ کان ٻاهر احتجاج جي حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*