فيض گنج ۾ اليڪشن ڊيوٽي ڏيندڙ سي سي ٽي وي ڪئميرا آپريٽرس معاوضي نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيوآهي

فيض گنج ۾ اليڪشن ڊيوٽي ڏيندڙ سي سي ٽي وي ڪئميرا آپريٽرس معاوضي نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيوآهي.

ڪئميرا آپريٽرس جي ڊيوٽي ڪندڙ شاگرد حسن شر، نويد شر، ذوالفقار کنڊ، قربان چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آپريٽرس مختيار ڪار آفيس کان مک پڪا چانگ چونڪ تائين مارچ ڪري احتجاج ڪيو.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته اليڪشن ڊيوٽي جو معاوضو وصول ڪرڻ لاءِ مختيار ڪار آفيس وياسين ته ڊي سي آفيس خيرپور  مان معاوضو وصول ڪرڻ جو چيو ويو.

 هنن چيو ته اليڪشن ڊيوٽي جو معاوضو کين ٽن هزارن بدران هڪ هزار رپيا ڏنو پيو وڃي جيڪو به 90 ڪلوميٽر پري خيرپور مان وصول ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

 شاگردن اليڪشن ڪميشن اختيارين کان گهر ڪئي ته 3 ڏينهن جو معاوضو ٽي هزار رپيا ڏئي انصاف ڪيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*