بدين ۾ آبادگارن پاران شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف بدين-حيدرآباد روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو

بدين ۾ آبادگارن پاران شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف بدين-حيدرآباد روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.

ميرواهه شاخ جي آبادگارن شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف بدين-حيدرآباد روڊ تي بس اسٽاف وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته اڃا تائين ميرواهه شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري ساريالو فصل ناهن پوکي سگهيا.

هنن چيو ته هو شڪايت لاءِ آبپاشي آفيس وڃن ٿا پر آبپاشي عملو اڻلڀ آهي.

آبادگارن گهر ڪئي ته ميرواهه شاخ کي پاڻي فراهمي يقيني بڻائي سندن زمينن کي بنجر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*