آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته اسان ٿاڻن ۾ بيٽ سسٽم کي ڪارائتو بڻائڻ چاهيون ٿا، جيستائين  پوليس آفيسر کي پنهنجي بيٽ جي خبر نه هوندي

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته اسان ٿاڻن ۾ بيٽ سسٽم کي ڪارائتو بڻائڻ چاهيون ٿا، جيستائين  پوليس آفيسر کي پنهنجي بيٽ جي خبر نه هوندي، تيستائين علائقي ۾ ڏوهن تي ضابطو نه ٿو آڻي سگهي،

ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو ته اسان ٿاڻن ۾ بيٽ سسٽم کي ڪارائتو بڻائڻ چاهيون ٿا،

هن چيو ته جيستائين  پوليس آفيسر کي پنهنجي بيٽ جي خبر نه هوندي، تيستائين علائقي ۾ ڏوهن تي ضابطو نه ٿو آڻي سگهي،

آءِ جي سنڌ چيو ته هڪ ايس ايڇ او کي خبر هئڻ گهرجي ته سندس بيٽ ڪهڙي آهي ۽  علائقي ۾ ڪهڙا خراب ماڻهو آهن ۽ ڪهڙا سٺا ماڻهو رهن ٿا.

هن چيو ته جيستائين بيسڪ تي ڪنٽرول نه هوندو، ڪرائيم رڪجي نٿو سگهي،

آءِ جي سنڌ چيو ته ڊي آءِ جي آفيسر ٽريننگ تي ڌيان ڏين، اسان پوليس کي ماڊرنائز ڪنداسين،

هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڻ ئي دٻڻ ۾ ڦاٿل رهنداسين ته ڏوهن تي ڪيئن ضابطو آڻي سگهجي ٿو؟

امجد جاويد سليمي چيو ته ڊي آءِ جي فرحت جوڻيجي ٽن مهينن ۾ جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي، اها واکاڻ جوڳي آهي،

آءِ جي سنڌ چيو ته چيو ته ٽن مهينن ۾ خراب بلڊنگز کي جديد عمارتن ۾ تبديل ڪيو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*